چونڊ حديثون

چونڊ حديثون (ڪتاب): مختلف موضوعن جي چونڊ ٽن سؤ حديثن جي ترجمي تي مشتمل هيءُ ڪتاب صبغت الله ڀُٽي ۽ علي نواز پٺاڻ تيار ڪيو آهي. هن ڪتـاب جـو چـوٿـون ڇـاپـو، فـيبـروري 2007ع ۾ مـهـراڻ اڪيڊمي، شـڪـارپـور شـايـع ڪـيو آهـي. هـن ڪـتاب ۾ مـوجـود حـديثـون ٽن ڪتابن: (1) ’راههِ عمل‘، (2) ’زادِ راهه‘ ۽ (3) ’انتخاب حديث‘ مان ورتيون ويون آهن، ڪتاب جو ترجمو آسان ۽ سليس پيرايي ۾ ٿيل آهي. ڪتاب ۾ ايمان، اخلاق، دين جي تبليغ، انسانن جي حقن، نيڪي بديءَ بابت مختلف باب ڏنا ويا آهن. رنگين ۽ پڪي ٽائٽل سان 251 صفحن تي مشمتل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو